پهاڙي راڳڻي

پهاڙي (راڳڻي): راڳ وديا ۾ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي. هن راڳڻيءَ جا سر نهايت دلپذير ۽ من موهيندڙ آهن. هيءَ بلاول ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي آهي. هن جي آروهي: سا ري گي پا ڌي سا ۽ امروهي: سا ڌي پا گي ري سا ڌي آهي. هن جو وادي سُر سا (کرج) ۽ سموادي سر: ڀا (پنچم) آهي. هن ۾ مڌم ۽ نکاد جا سُر ورجت آهن. ڪن گرنٿن ۾ هي راڳڻي ڀيرو ٺاٺ ۾ ڄاڻايل آهي ته وري ڪن گرنٿن ۾ نکادڪومل سان کماچ ٺاٺ ۾ لکيل آهي. هن ۾ ڌيوت ۽ پنچم جي سنگت آهي. اترانگ ۾ يعني پنچم کان وٺي ٽيپ جي کرج تائين راڳ جو گهڻو زور آهي.ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ ۾ هيءَ راڳڻي مقبول آهي. جيئن ته هيءَ مڪاني راڳڻي آهي، تنهنڪري سنگيت جي شاسترين، ان جي ڳائڻ جو ڪو وقت مقرر نه ڪيو آهي. ڏينهن هجي يا رات، انساني آواز هجي يا بانسري جو رسيلو سُر، هيءَ راڳڻي وقت جي قيد کان آزاد، گونجندي رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو